اکيون ٻوٽي آندائون اونداهيءَ ۾،
ايئَن اسانکي روليائون اونداهيءَ ۾.
جنهن کي اغوا ڪالھ ڪيو ويو ڏينهن ڏٺي،
انَ جو پيرو ڳوليائون اونداهيءَ ۾.
گھُٽجي گھُٽجي نيٺ مري وينديون ساريون،
مون سان منهنجون آشائون اونداهيءَ ۾.
پنهنجو رستو ڪو نه اچي ٿو هٿ مونکي،
ڦاسي ويو آھيان ڄڻ آئون اونداھيءَ ۾.
تنهنجي وارن جي گهاٽي جهنگل ۾ ڄڻ،
ڀٽڪن ٿيون پيون روز هوائون اونداهيءَ ۾.
تو ڏي ايندي ايندي سجّ لهي ويو آ،
ڪنهن کان ڪيان مان تنهنجون پڇائون اونداهيءَ ۾.
ڌرتي تنهنجا درد کڻي هڪڙو شاعر،
سرجي ويٺو ڪوِتائون اونداهيءَ ۾.
ڪھڙي ڏوھَ جي، ڪانه خبر آ انجم کي،
ڀوڳيون پيا ٿا پاڻَ سزائون اونداهيءَ ۾.
**