رات مون منظر ڏٺو آڪاس تي،
چنڊ ڪو چهرو ٿيو آڪاس تي.
ڇو نه ٿو سورجُ اَڃا اُڀري اچي،
آءُ کڙڪايون ڪَڙو آڪاس تي.
مون ڏٺو پئي ڪو اويلو هيڪلو،
هڪ پکي اُڏندو ويوَ آڪاس تي.
اڄ به مونکي ياد آهي، اوچتو،
جو ٿيو کڙڪو هُيو آڪاس تي.
چوڏسا ٿي ٻاٽ ڪاري آ وئي،
ڇو نه چنڊُ، تارو کڙيو آڪاس تي.
مون اڃا ڌرتيءَ تي کوڙيا پيرَ مسَ،
هوُ وڃي انجم! پڳو آڪاس تي.
**