زلف تنهنجا ڇهي جا اچي ٿي هوا،
رقص پو بي خوديءَ ۾ ڪري ٿي هوا.
شام ٽاريءَ جي وڻ تي پنن کي ڏسي،
ٿو لڳي ڄڻ ته توکي سڏي ٿي هوا.
پاڻ کي ڪيترو سرهو سمجھي پئي،
تنهنجي در کان جا گذري وڃي ٿي هوا.
تون نه آهين ته مايوس ٿي سانوري!
اک ۾ ڳوڙها کڻي پئي گھمي ٿي هوا.
من وياڪل ۽ منظر لڳن سڀ اُداس،
هيءَ الائي ته ڪهڙي گھلي ٿي هوا.
ڪائي حسرت کڻي ڪن جڳن کان وٺي،
دربدر ڄڻ ته ٿي هيءَ رُلي ٿي هوا.
تنهنجي ساهن جا آواز جئن ٿي ٻُڌي،
رات ڀر پوءِ رڪجي پوي ٿي هوا.
**