نڪور خوابَ اسان جي اڳيان اچي بيٺا،
وري سرابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
جتان جتان به گُذر ٿيو ته درد سَوَ سامهون،
کڻي گلابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
جڏهن به ديسَ جي تاريخ کي پڙهيو کولي
ڏکن جا بابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
اوهان سواءِ ڏٺوسين نه اک کڻي توڙي،
سوين نوابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
اڳيان پڙهي نه سگھياسين مٿان وري ڪيئي،
نوان نِصاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
ڪئي سي پاڻَ کلڻ جي جڏهن به ڪوشش ڪا،
اکين جا آبَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
سڄي حيات ئي “انجم” کڻي کڻي پيرو،
سدا عذاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
**