زندگي درد جي ڪٿا آهي،
دل ازل کان ڳڀا ڳڀا آهي.
هاءِ هڪڙي هي زندگي پنهنجي،
ڪيترا ٿي وئي حِصا آهي.
هُنَ جو هيڏو سَڄو زمانو ۽،
منهنجو هڪڙو فقط خُدا آهي.
توڙي جو هَمُ خيال آهيون ٻئي،
سوچ پوءِ به جدا جدا آهي.
يا خُدا! تنهنجي ڏيهه ۾ رهندي،
عمر ڀوڳي اسان سزا آهي.
پوءِ به وڇڙي سگھيو نه هُو مونکان،
توڙي ڪيڏو پري، جُدا آهي.
پارَ “انجم” ڪري پُڳو جيڪا،
عشق جي سا ته انتها آهي.
**