اڄ به وينگس جون سرهاڻيون جاڳن ٿيون،
بند ڪمري ۾ ڪيئي يادون جاڳن ٿيون.
ڇيرن جي آلاپن سان هوءَ اچڻي آ،
اوسيئڙي ۾ ڪاريون راتيون جاڳن ٿيون.
لفظن کي اوجاڳا آهن سالن جا،
ڳوٺ سڄي ۾ پنهنجيون ڳالهيون جاڳن ٿيون.
آئيندي جي ڪائي سُڌ ئي ڪونه اٿسِ،
ٻارَ جي مَنَ ۾ اجريون مستيون جاڳن ٿيون.
واءُ گھلي ٿو پاڻ سان گڏ راڪاس کڻي،
خوف منجھان سڀ شهر ۽ وستيون جاڳن ٿيون.
بنگلا سارا ننڊ ڪري ويا گھري هنِ،
لاڳيتيون ئي ڪچيون بستيون جاڳن ٿيون.
جئن جئن کوليون “انجم” آهن اڄ تائين،
ڪونه ستيون هن اکيون پنهنجون جاڳن ٿيون.
**