نئين صبح جي نئين روشنيءَ جو وطن،
خوشبو خوشبو سڄو شاعريءَ جو وطن.
اڄ به ريتن جي دوزخ جي آڙاهه ۾،
ٿو سڙي اڳ جيان نينگريءَ جو وطن.
عارضي ٿو ملي سڀ کي جيون هتي،
آ مٽي ئي اصل آدميءَ جو وطن.
آسمان کان مٿي نئين جهان ۾ نئون،
مون ڏٺو خواب ۾ ڪامڻيءَ جو وطن.
نقشو دنيا سڄيءَ جو ٻڌائي پيو،
سمنڊ ئي آ رهيو هر نديءَ جو وطن.
شال اجرن رنگن ساڻ دائم رهي،
تنهنجي وارن ۾ تنهنجي سڳيءَ جو وطن.
عشق جي هر ڪهاڻي ڏسي ٿي پئي،
درد آهي رهيو عاشقيءَ جو وطن.
**
طرحي غزل