ڪنهن سوڳ جيان آهي اندر جي اڪيلائي،
ڀاڪر ۾ ڀري روئي، هر روز ٿي تنهائي.
¬
ايڏي ته رهي آهي، مصروف حياتي جو،
جڳ سان نه سگھي ٿي آ، پنهنجي ڪا شناسائي.
محسوس ڪيان خود کي، ٿو هاڻي پٿر وانگي،
پائيندي وڃي مونکي ٿي سمنڊ جي گھرائي.
ڪو وقت به ميساري پيـڙا نه سگھيو پنهنجي،
هڪ ڇيتِ چُڀي ڄڻ پئي دل ۾ ٿي اڃا ڪائي.
خاموش فضا ۾ اڄ هيءُ واءُ خماريل آ،
اڻڄاڻ اداسي ڪا، آ شام کڻي آئي.
هڪ ياد اچي پيئي، ناڪام محبت جي،
پاڙي ۾ وڄي ڪائي، جڏهين به ٿي شهنائي.
ڪيڏو به اُڏاڻو پر، اُڀَ تي نه پکي پهتو،
اڪري نه سگھيو انجم! آڪاس جي اوچائي.
**