اوچتو ڪلهه بي ڪفن منهنجون اکيون،
ٿي مٽيءَ ۾ ويون دفن منهنجون اکيون.
شام ڌاري هڪ نڪوري خيال ۾،
ٿيون چمن تنهنجو بدن منهنجون اکيون.
من سڄو ڌرتيءَ جيان پسندو رهيو،
جيئن برسيون ٿي گگن منهنجون اکيون.
ڄڻ صدين کان ڪامڻيءَ جي آ رهيو،
عشق جو هڪڙو وطن منهنجون اکيون.
سڀ پکي آزاد ٿي اُڀَ تي اڏن،
ٿيون گھرن “انجم” امن منهنجون اکيون.
**