وارَ ڇوڙي چنڊَ سامهون اچي بيهي رهي
مورتي ٿي خواب ۾، ڪامڻي بيهي رهي.
حالتن سان جنگّ ۾، نيٺ وڙھندي اوچتو،
زخمي ٿي هڪ جاءِ تي، زندگي بيهي رهي.
رات جي پوئين پھر، ھِنَ خُماريل سانت ۾،
خالي گھَرَ جِي آ مٿان، چاندني بيهي رهي.
شامَ ڌاري اوچتو، دَرَ منجهان پائي ليئو،
ڪنهن الائي سوچَ ۾، نينگري بيهي رهي.
جُونِ جي ھِنَ سخت گرميءَ ۾ ھڪڙي ڇوڪري،
معجزن منهنجي مَٿان، واءُ ٿي بيهي رهي.
سمنڊَ جيڏي پياس هئي، پاڻَ کي “انجم” مگر،
ھُوءَ کَڻي پنهنجي اڳيان، ھِڪَ چُڪي بيهي رهي.
**