ٿي رات وئي ڪيڏي، لمحن ۾ اُداسي آ.
ٿو چنڊُ ڏئي پهرو، رستن ۾ اُداسي آ.
بنبوءَ جي مٿان بيٺو، اي سنڌ امان تنهنجو،
ڦڙڪي ٿو پَيو پرچم، جھونڪن ۾ اُداسي آ.
ڇو راس اچي ڪوئي، منظر نه اسان کي ٿو،
جنمن کان وٺي پنهنجي، دلين ۾ اُداسي آ.
رستي ۾ اچانڪ اَڄُ، جئن پاڻ مليا آهيون،
ڪيڏي ته مٺي پنهنجي، لهجن ۾ اُداسي آ.
ڪو خواب حقيقت آ، ماڻي نه سگھيو انجم!
تڏهين ته وئي رهجي، اکين ۾ اداسي آ.
**