هر آدميءَ کي پنهنجي فڪرات جو تصور،
هر وقت ئي رهي ٿو حالات جو تصور.
جا ديد روشنيءَ کان محروم عمر هوندي،
رکندي اُها ڀلا ڪيئن پرڀات جو تصور.
ڪوئي ڌرم رهي نه، انسانيت هجي بس،
شل ساڀيان سگھي ٿي، هِنَ ڏات جو تصور.
جيڪو ڪکن، پنن سان ٺاهيو هُيو اسان پئي،
ڊاهي ٿو گھرُ اُهو اڄ، برسات جو تصور.
وَڻَ ٽڻ، هوا ستارا، منظر حسين ماڻهو،
ڪيڏو رنگين سهڻو، ڪائنات جو تصور.
هر واٽ، ٻاٽَ هُئي ۽ راڪاس چوڏسا هو،
اُڀري اچي پَيو ٿو اُن رات جو تصور.
ڀورا ڪري هَلي وئي، هڪ اوچتو حَسينا!
جيڪو هيو مون جوڙيو، جذبات جو تصور.
ٿي گھوٽُ چنڊُ ڄڻ هُو، آيو نديءَ ۾ آهي،
تارا پَيا ڏين ٿا، بارات جو تصور.
اجرو اڃا به انجم! ساڳيو جُڳن کان دائم
“تنهنجي اکين ۾ آهي پرڀات جو تصور”
** طرحي غزل