آسمان جي ڪجھ وٿيءَ جو ماڳ هو،
خواب پنهنجي زندگيءَ جو ماڳ هو.
ڪيئن وڃي ها هيکلي جھنگل منجھان،
ڏور ڏاڍو نينگريءَ جو ماڳ هو.
ڇو لڳي مونکي ويو هڪ درد ئي،
تنهنجي منهنجي دوستيءَ جو ماڳ هو.
جو نه سمجھي مون سگھيو هن عمر ۾،
سو اَڄاتو شاعريءَ جو ماڳ هو.
جا وئي اُجرو بدن تنهنجو ڇهي،
ڇا ته ان مينهن جي ڪڻيءَ جو ماڳ هو.
اڄ اُتي ڪاراڻ آ ترسي پئي،
اڳ جو هوندو روشنيءَ جو ماڳ هو.
نيٺ ڊاهي ئي ڇڏيو دنيا اُهو،
جيڪو مَنُ منهنجي ڌڻيءَ جو ماڳ هو.
مون ڏٺو اُڀ تي مٿي اُڏندو ويو،
ڪٿ الائي تنهن پکيءَ جو ماڳ هو.
**