هڪ نماڻو شاعر
قاضي صاحب جو زيرِ نظر ڪتاب (اوجاڳن جا عڪس) سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي قاضي صاحب جو هي ڪتاب به غزلن جو غنچو آهي ۽ خوبصورت ۽ پرتاثير غزلن جو هڪ رنگين مجموعو آهي جنهن ۾ راض به آ ته نياز به آ جنهن ۾ سوز به آ ته گداز به آ سندس خيالن جي پرواز به اوچي آهي هڪ غزل ۾ رقم طراز آهي ته :
ساڙ کائي ٿو سڙي پاڙو سڄو
روز ٿو ڳالهيون گھڙي پاڙو سڄو
ذات جي ننڍڙين انائن جي ڪري
پاڻ ۾ پيو ٿو وڙهي پاڙو سڄو
هڪ ٻي هنڌ ڪجھ هن طرح چون ٿا:
نئين صبح جي نئين روشنيءَ جو وطن
خوشبو خوشبو سڄو شاعريءَ جو وطن
عارضي ٿو ملي سڀ کي جيون هتي
آ مٽي ئي اصل آدميءَ جو وطن.
نقشو دنيا سڄيءَ جو ٻڌائي پيو
سمنڊ ئي آ رهيو هر نديءَ جو وطن.
هاڻي جيڪڏهن مٿين سٽن تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته انجم هڪ شعر ۾ آفاقي سچائيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ته جيون سڀ جو هتي عارضي آهي جيئن قرآن شريف الله تعاليٰ فرمائي ٿو “انما الحيوٰت دنيا لعب والهوا” ترجمو: سچ پچ دنيا جي حياتي کيل ۽ تماشو آهي ساڳئي تصور کي ذهن ۾ رکي انجم قاضي صاحب غزل کي سونهن بخشي آهي ان کان هيٺين شعر ۾ به در اصل هڪ همگير حقيقت بيان ڪئي اٿن ته بيشڪ سمنڊ ئي هر نديءَ جو وطن ۽ آخري ديس آهي ڇاڪاڻ سڀ نديون ۽ درياهه مسلسل سفر ۽ مسافريءَ واري ڪيفيت ۾ آهن ۽ سوين بلڪِ هزارها ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري پنهنجي منزل مقصود پنهنجي دائمي وطن يعني سمنڊ ۾ اچيو پاڻ ارپي ڇڏين هڪ ٻئي غزل انجم قاضي چوي ٿو:
مرضيءَ سان پل به پنهنجي، سگھجي نه جي خدايا!
ايڏي نه ڏي اسان کي تون بيوسي خدايا!
هڪ هڪ گھڙيءَ سان جھيڙي ٿڪجي پيو مان آهيان،
موٽائي وٺ تون مونکان هيءَ زندگي خدايا!
جيون سڄو ئي صحرا، ڪو ڇانورو نه آهي،
پنهنجي نصيب ۾ آ ڇو ڌرتتي خدايا!
ڪائي پري نه گھرجي ڪا حور ڏي نه ڀل تون،
هڪ ئي فقط گھران ٿو، هوءَ ڇوڪري خدايا!
انجم قاضيءَ جون ادائون به سندس معصوم ۽ پوتر آهن ۽ پنهنجي دل تي ٿيندڙ وارداتن جو پوري سچائيءَ سان ذڪر ڪيو اٿن قاضي پري ۽ حور کي ٺڪرائي جنهن ڇوڪريءَ جي تمنا ڪئي اها جي قاضي صاحب جي زندگيءَ ۾ اچي وڃي ها ته شايد انجم قاضي اڄ ائين متاثر ڪندڙ شاعر نه هجي ها بلڪِ شاعر ئي نه هجي ها. اها وڇوڙي، جدائيءَ ۽ محروميءَ واري ڪيفيت ئي ته آهي جيڪا شاعريءَ جو اظهار ۽ سبب بڻجي ٿي. ۽ ان ساڳئي ئي جذبي قاضي صاحب کي قلم کڻايو ۽ شاعريءَ جي ميدان تي لاٿو جتي قاضي صاحب پنهنجي تخليقن جا جوهر ڏيکاري رهيو آهي ۽ انجم قاضي صاحب جو هي شعري مجموعو سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافي طور ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ويندو. منهنجي کيس دعا آهي ته رب العزت والعظمت کيس قلم ۾ اڃان به وڌيڪ طاقت بخشي ۽ ساڳي جوش و جذبي سان لکندا رهن.
[b] احمد سلطان کوسو
[/b] لاڙڪاڻو
23 مئي 2017ع