شاعري

اوجاڳن جا عڪس

ھي ڪتاب نامياري شاعر انجم قاضيءَ جي غزلن جو مجموعو آھي. انجم قاضي جي شاعريءَ ۾ رومانس جا اهڙا رنگ چِٽيل آهن، جو پڙهندڙ سندس شعر جي سٽن ۾ گُم ٿي وڃي ٿو، ۽ عاشق مزاج ماڻھو ان شعر ۾ سمايل منطر نگاري ۾ پنهنجا رنگ محسوس ڪري ٿو، بيان ڪيل وارتا کيس پنهنجي حياتيءَ سان لاڳاپو رکندڙ داستان محسوس ٿئي ٿي. انجم وٽ غزل جا ڪيئي سٽاوَ ۽ رديف اڻ ڇھيل آهن، جن ۾ هن جو فڪري پاسو بيحد سگهارو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 984
  • 280
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انجم قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اوجاڳن جا عڪس

ڏسندي اکين سان پنهنجي حيرانُ ٿي وياسين،

ڏسندي اکين سان پنهنجي حيرانُ ٿي وياسين،
هڪ عشق جي ڪري ئي انسان ٿي وياسين.

ڪوئي ڪڪر نه برسيو، گذري صديون ويون هن،
هي روح رِڻُ لڳي ٿو، ويران ٿي وياسين.

هڪ خواب ۾ ڏسان ٿو تون مان هَوا ۾ اُڏندي،
ڪلهه رات چنڊ تي ٻئي مهمان ٿي وياسين.

توکي سگهيو نه ماڻي هيڏي خلوص هوندي،
ائين وقت جي اکين ۾ ارمان ٿي وياسين.

هاڻي رنگين ڪوئي، منظر لڳي نه ٿو ڇو؟
هيڏي وڏي دنيا ۾ سنسان ٿي وياسين.
**