سجَّ لٿي کان هلڪا هلڪا خيمي ۾،
ڪنهن جا گونجن پيا ٿا سڏڪا خيمي ۾.
روئي روئي نيٺ ڪري ويا ننڊ آخر،
پيٽ بکايل ڪنهنجا ٻچڙا خيمي ۾.
پنهنجي ٻارن جي آئيندي تي ويهي،
هڪڙي ماءُ ٿي سوچي تنها خيمي ۾.
اڏندي اُڀ تي روز جهازن کي ڏسندي،
ننڍڙو نينگر جوڙي سپنا خيمي ۾.
آڌي رات اگهاڙا پنهنجا نيڻ کڻي،
چنڊ پيو ٿو پائي ليئا خيمي ۾
ڪاري رات وڪوڙي ويئي انجم آ،
ڪونه ٻريا ڇو آهن ڏيئا خيمي ۾.
**