مون سان منهنجو ڄڻ ڳالهائي پاڇو ٿو،
ڇو پنهنجو ئي اڄ گھٻرائي پاڇو ٿو.
مَن ۾ هڪڙو اڻڄاتو ڪو غم آهي،
روئي پنهنجو ڀاڪر پائي پاڇو ٿو.
آنءُ وڃان ٿو جاڏي، منهنجي پاسي مان،
اڳ ۾ اڳ ۾ وک وڌائي پاڇو ٿو.
توڏي ايندي رستي رستي ۾ جانان!
پيار مان ڪيڏو پاڻ کي ٺاهي پاڇو ٿو.
شال نه جيون ۾ ڪڏهين پل اوندهه ٿي،
پنهنجو ڀي پوءِ ساٿ ڇڏائي پاڇو ٿو.
پوءِ به ڳوٺ سڄي جو موضوع “انجم” آ،
توڙي پنهنجو روز لڪائي پاڇو ٿو.
**