پنهنجا سارا خواب جلن ٿا اڄ تائين،
باھ ۾ منهنجا نيڻ سڙن ٿا اڄ تائين.
تون ناهين ڪمري ۾ مون سان ساڻ مٺي!
گڏجي تنهنجا درد رهن ٿا اڄ تائين.
ڪھڙي ڀيٽا تن کي ڏيان مان، ڌرتيءَ تي،
مرندي جي ڪردار جيئن ٿا اڄ تائين.
توڙي پئجي مُنھَن ۾ ويا جو گُهنجَ اٿئي،
تنهنجا جلوا پو به وڻن ٿا اڄ تائين،
تنهنجي منهنجي ڳوٺ جا ماڻھو ساڙولا،
ڪيڏي گهري ڳالھ رکن ٿا اڄ تائين.
**