پنهنجي پاران
شاعري روحَ جي رياضت آھي ۽ روحُ ڪڏھن به ڪا منافقي قبول ناهي ڪندو، مون ھميشه شاعريءَ کي پنهنجي وجود جي پناھ گاھ سمجهيو آھي، ڇو ته مونکي شاعريءَ ڌرتتيءَ ۾ وڻڪار جو احساس ڏنو آھي.
جُونِ 2015ع ۾ منهنجي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”ڳوڙھو ڳوڙھو سوڳ ۾“ جڏھن شايع ٿي اوهانجي هٿن ۾ آيو ھُيو ته توهانجي خلوص ۽ محبتن مونکي اتساھ بخشيندي مون تي وڌيڪ ذميواريءَ جو احساس پڻ ڏنو. اڄ جڏھن ٻن سالن کانپوءِ منهنجي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “اوجاڳن جا عڪس” اوهانجي هٿن ۾ آھي ته منهنجي ذھن ۾ ڪيئي سوال اڀري رهيا آھن، جن جو هت ذڪر ڪرڻ بدران صرف ايترو ئي چوندس ته مون ڪڏھن به شاعري شھرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪئي آھي، مان ننڍڙو ۽ پورهيت ڪلاس جو ماڻھو آهيان، جيڪو ماڻھو ٽي وقت پنهنجي ٻَچَن جي بکايل پيٽ لاءِ لوچيندو وَتي، جنهن جي گهرَ ۾ لکڻ لاءِ ھڪ ٽيبل ۽ ڪرسي ميسر نه هجي، جيڪو ماڻھو زندگيءَ سان وکَ وکَ تي جنگ جوٽيندو هجي، طبيعتن لڄارڙو، اهو چريو ۽ فقير طبيعت جو ماڻھو شھرت جي ڀلا ڪھڙي اميد رکندو؟
منهنجي سموري شاعري منهنجي وجود جي وارتائن جو عڪس آھي، مون جيڪو جيئن محسوس ڪيو آھي، ان کي تيئن ئي ڪاڳر تي اتاري محفوظ ڪيو آھي، منهنجو اصل چهرو هيءَ منهنجي شاعري آھي، ان کان وڌيڪ منهنجو مون وٽ ڪو دليل ناهي.
هن ڪتاب ۾ سهڪار ڪرڻ تي مان پنهنجي بهترين دوست سعيد سومري جو ٿورائتو آھيان، جنهن هن ڪتاب تي پنهنجو کليو رايو ڏنو، ان کان علاوه پياري حبدار سولنگيءَ جا وڏا وڙَ جنهن بيڪ ٽائيٽل لکيو. ڀيڻ فرزانا شاهين جنهن جي منهنجي مٿان سدائين وڏين ڀيڻن جيان ٻاجھه رهي آهي، ان مختصر تاثر لکي مانُ بخشيو، ان کان علاوه پياري سائين صفر ڪلهوڙي ۽ پروفيسر سائين غلام حسين ڪٽپر، سانئڻ صفيه ڪنول ابڙو جا اڻ ڳڻيا احسان، جن پنهنجا رايا ڏئي مونکي عزت بخشي ان کان علاوه پياري ڀاءُ مرتضيٰ لغاريءَ جو ٿورائتو آھيان جنهن اَڻَ ٿڪ محنت ڪري هي ڪتاب اسان سڀني آڏو آندو، پياري ۽ محبوب دوست عبيد ڪٽپر ۽ مصور منگي جو پڻ ٿورائتو آھيان، جن هنَ ڪتاب جي آخري مرحلي تائين ڀرپور سهڪار ڪيو. عزيز دوست پريتم قاضي جا به اڻ ڳڻيا احسان، جنهن هي ڪتاب پبلش ڪيو، نه رڳو منهنجي ڪتاب جي سلسلي ۾ مون سان سهڪاري رهيو آهي پر ساڻس ذاتي زندگي جا به سور سلي دل جو بار هلڪو ڪندو آهيان.
[b] انجم قاضي
[/b] نئون ديرو