جڏھن به توکي ساريندو من!
ڳوڙھا ويٺو هاريندو من!
جيون منجھ جياپي خاطر،
لاٽ ضرور ڪا ٻاريندو من!
توکان ڌار ٿيڻ تي پڪ ڪر،
پنهنجو پاڻَ کي ماريندو من!
ٻُوسٽ ۾ هيئن گھُٽجي گھُٽجي،
ڪيسيتائين گهاريندو من!
ڪھڙو جيون جِي سگهندو، جي،
ڳالھ ڳالھ تي هاريندو من!
تنهنجي پيار سهاري سائنڻ!
ڏونگر کي ڀي ڏاريندو من!
اُجري اُجري مرڪ تي انجم!
پنهنجو سڀ ڪجھُ واريندو من!
**