مهاڳ: رکون لفظ قيدي ڪري
جِت ڪو ڏسي نه ٿو سگهي، اُتي
فنڪار جي نهار ٿي رهي.
نئون ديرو هجي يا رتوديرو، اُتر سنڌ جا اهڙا خوش نصيب ڳوٺ نما شهر آهن، جتي علم ۽ ادب جي دلڪش آبياري قاضي فيملي ۽ ٻين دوستن جي گڏيل ڪاوشن جو نتيجو آهي. انجم قاضي به اِن سخنور سلسلي جو سلو آهي، جنهن وٽ پنهنجي ڪلا جي الڳ ڪنٺ مالا آهي انجم قاضي، جنهن وايو منڊل ۾ رهي ٿو، اهو نيم ڳوٺاڻو ۽ اڌ شهري رنگ رکندڙ آهي. جتي لوءَ پوڻ کان وٺي ولههَ وسڻ تائين جي موسمي شدت اُتي رهندڙ هر جيوَ تي اثرانداز ٿئي ٿي، ائين انجم قاضيءَ تي به اها سردي گرمي لهي چڙهي ٿي ته سندس شاعريءَ ۾ به تکي تپش ۽ ٿڌي رات جي روح پرور رونمائي جا منظر بنا ايڊٽ جي عڪس بند ڪيل آهن.
انجم وٽ غزل جا ڪيئي سٽاوَ ۽ رديف اڻ ڇهيل آهن، جن ۾ هن جو فڪري پاسو بيحد سگهارو آهي. ۽ جتي هُن ٻين کان اُتساهه وٺي يا متاثر ٿي لکيو آهي، اُهو رنگُ بي چسو ۽ روايتي غزل جي رستي تي پنڌ ڪندي ملي ٿو. هن وقت، هن دؤر ۾ جيترو غزلُ لکيو ۽ ڇپيو وڃي ٿو، اهو مڪمل سگهارو ۽ منفرد ناهي، هر دؤر جي هر شاعر وٽ ساڳي زمين، ساڳيا ڪافيا ته اڳ ۾ به هئا، پر فڪر جي ايتري اڻاٺ نه هئي، جيتري هن دؤر ۾ هاڻ نمايان ٿي آهي. ساڳين موضوعن ۽ حوالن کي لکي لکي ايترو ته کين گُهنجايو ويو آهي، جو هاڻ ان جي استري ٿيڻ ناممڪن نظر اچي ٿي. غزل جي جسم ۾ روح ڀريندڙ رديف به هاڻ ساڳيا ساڳيا لکجي رهيا آهن ۽ هڪ جهڙائي رکندڙ سٽن جون سٽون به. اڪثر غزل هڪ ٻئي جي ڪاپي پيا محسوس ٿين. ائين لڳي ٿو ته فني ۽ فڪري حوالي سان سنڌي جديد غزل وڏي خشڪ ساليءَ جو شڪار آهي!
اهڙي سؤڪهڙي ورتل کيت ۾ انجم قاضيءَ جي پوکيل گلن ۽ انهن جي خوشبوءِ کي پرکجي ته ان مان ڪيئي اهڙا املهه رنگ ۽ سواس اڳيان اچن ٿا، جيڪي شايد انجم قاضي کان سوا، ڄڻ پيش ئي نه ٿيا آهن.
جئين ئي رات گهٽيءَ ۾ سيٽيءَ جو پڙلاءُ ٿيو،
ننڊ ڦٽي ۽ ‘انجم’ پرزا سپنو ٿيندو ويو.
تصوير زندگي جي غمگين ٿي رهي
ليڪون ڏئي خوشي آ واري ڇڏي اسان.
روئي پنهنجي ماءُ ڪراڙي
ڳڀرو ساريو سانجهيءَ ڌاران.
ڄڻ صدين کان ڪامڻي جي آ رهيو
عشق جو هڪڙو وطن منهنجون اکيون.
ٿي ڪڪر جي گهوڙي تي سوار
توڏي مان اچان ٿو خواب ۾
چنڊ جي مٿان آ روشني
۽ غزل لکان ٿو خواب ۾.
ڏٺم رات خالي نديءَ جي مٿان
ستارو ستارو اُڃارو هئو.
شعر ۾ حقيقي زندگيءَ جو زهر ۽ خوشي سموئڻ جا گُر ڄاڻيندڙ انجم قاضي، جي پنهنجي پالنا به اهڙين حالتن ۾ ٿيئي آهي، جن جو هُو بنا ڪنهن رک رکاوَ جي بيان ڪري رهيو آهي. دراصل شاعر کي پنهنجي ماحول کان ٻاهر پرکڻ ان شاعر جي شعري معصوميت سان فراڊ آهي. هُو جن رنگن رستي تي پير رکي، عمر گذاري پيو، ڇا اُن جي روح ۾ هڪ الڳ زمانو جنميل هوندو آهي؟ جيڪو هُن جي ڪاڪ ڪويتا کان به الڳ آهي؟ ائين ان ڪري ممڪن ناهي ته اسان جو معاشرو پيٽ کان اڳتي سوچي نٿو! پاڻ مالي ۽ معاشرتي مجبورن جي ويڙهه ۾ اڪيلا بيٺل ڪلاڪار آهيون، جن وٽ هڪ حسين سٽ جي ڳولا ۾ ڀٽڪڻ جيتري عياشي افورڊبل آهي. آرام ۽ وسڪيون پيئي لکڻ واري شاعريءَ جو آسمان زمين تي رهندڙ هر حساس فرد کان ڪوهين پرانهون آهي. اهڙو فلسفو يا هوا ۾ ڪيل فائر جو آواز وقتي ڌماڪو ته سٺو ڪندو آهي پر تابنده رنگ ڇڏڻ کان قاصر آهي! انجم قاضي به معاشرتي مامرن جو فلسفو سمجهائيندڙ ۽ زندگيءَ جي اوندهه ۾ ڏياٽ ٻاريندڙ شاعر آهي. جنهن وٽ شاعري هڪ ذميداري ۽ احساس جو ازلي آواز آهي.
مون پري کان پئي ڏٺو هڪ ماءُ سان
نينگريءَ سسڪيون ڀريون ڀاڪر ڀري.
پکي خاموش ٿي ويا، جئن
کليا هٿيار چوڌاري.
ٻار کي ڪهڙي خبر هُن جو انگل
ڪيئن امڙ، بابا مڃيندو ٿو وڃي.
ڪڏهن وقت مون سان، ڪڏهن مون وري،
ڪيو هڪ ٻئي سان گذارو هئو.
ايڏي ته رهي آهي، مصروف حياتي جو
جڳ سان نه سگهي ٿي آ، پنهنجي ڪا شناسائي.
انجم قاضي جي فڪري اُڇل ۾ زندگيءَ جا اُهي مڪمل عڪس آهن، جن وٽان هو گذريو آهي يا اُنهن کي پري کان ڏٺو آهي. هڪ گهٽيءَ ۾ اڀري بيٺل چنڊَ کي ٻه شاعر الڳ الڳ نگاهه سان نهاري سگهن ٿا. هڪ لاءِ چانڊوڪي مايوسي ۽ اڪيلائيءَ جو خام سامان آهي ته ٻيو ان چانڊاڻ مان ئي چاهه جو اتساهه وٺي ٿو . هاڻ پڙهندڙ جي ڪهڙي ڪيفيت آهي؟ اهو ڪنهن سان ان لمحي متفق آهي؟ اهو ڪير به لکندڙ نٿو ڄاڻي. ان ڪري چئجي ته پڙهندڙ ۽ شاعر جي وچ ۾ وڏو مفاصلو آهي. اهو اُنهن ٻنهي ۾ وجودي ۽ روحاني وڇوٽي رکيون ٿو اچي. پر زندگي ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل محسوسات کي قلم بند ڪندڙ ڪلاڪار ڪڏهن به اهڙي ٻه واٽي تي بيٺل نظر نه ايندو، جنهن ٻه واٽي تي “هي لکان يا نه لکان؟” وارو سوال ڪر کڻي بيٺل هجي ٿو.
انجم قاضيءَ جي ڪيترن شاعراڻن فلسفن سان اسان اختلاف ڪري سگهون ٿا، مگر سندس زندگيءَ سان ڀريل شعرن تي جيترو اتساهڪ لکجي اهو تمام ٿورو لڳندو.
عمر جي گاڏي تيز هلي پئي، شيشي مان ڏسندي،
هوريان هوريان منظر سارو ڌنڌلو ٿيندو ويو.
مون کلڻ چاهيو هيو اسٽيج تي پر،
خود به خود آيا تري ڳوڙها اکين ۾.
جڏهن به ديس جي تاريخ کي پڙهيو کولي
ڏکن جا باب اسان جي اڳيان اچي بيٺا.
هيءُ ڪهڙو وقت ايندو ٿو وڃي،
جو اچي سو درد ڏيندو ٿو وڃي.
ساڻ هڪڙي سار آهي سمنڊ تي
۽ مٿان برسات ٿي مون ٿي لهي
آسمان جي ڪجهه وٿيءَ جو ماڳ هو
خواب پنهنجي زندگيءَ جو ماڳ هو.
پاڻ پنهنجا رکون لفظ قيدي ڪري
ڪيستائين زبانن تي تالو ڏئي؟
غزل جي نشونما ۽ سنوار لاءِ غزل جي آغازي لمحن ۾ مشاعرا ۽ طرحي مشاعرا ڪرائڻ جو رواج عام جام ڪيو ويو. غزل اڳتي وڌي آيو. پرنٽ ميڊيا جي دؤر ۾ انهن مشاعرن جي اهميت گهٽجندي ختم ٿيڻ لڳي. هن وقت ۾ ته اهي بلڪل ناپيد آهن ۽ نئين سوشل ميڊيا تي مشاعرن ۽ طرحي مشاعرن جي لست وٺندڙن جو ذوق شوق برقرار آهي. جنهن مان اهو پرکي سگهجي ٿو ته غزل معنا مشاعرو. غزل مشاعري جي جان آهي. طرحي مشاعري جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي؟ ان جو سادو جواب اهو ئي جُڙي ٿو ته جڏهن شاعر تي اُتساهه جا در بند ٿي وڃن ٿا ۽ ڏات حالتن ۽ انساني ڀڃ ڊاهه سبب ڏات ڏياٽي اڌ اجهامي وڃي ٿي. ڏات جي موجودگي محسوس ڪندي به شاعر ڪجهه لکڻ کان قاصر هوندو آهي. اهڙي بي وس صورتحال ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻئي شاعر جو سڏ ورنائڻ سان اڌ وساميل ڏات جو ڏيئو وڌيڪ روشن ٿيو پئي. ۽ هڪ طرحي سٽَ ، ٻين ڪيترين لاجواب سٽن کي ميڙي ايندي آهي ۽ هڪ با ڪمال تخليق جڙي پوندي آهي.
طرحي غزل مشاعرن ۾ جام مقبول ٿين ٿا، ۽ ٻڌندڙ وڏو حظه حاصل ڪن ٿا. ان طرحي سلسلي سبب نوان شاعرن کي فن ۽ فڪر ۾ وڌيڪ نواڻ آڻڻ کان وٺي محدود وقت ۾ وسيع خيال آرائي ڏانهن پير سورڻ جي مشق حاصل ٿيئي ٿي. پر اڳتي هلي جڏهن شاعر جي ڏات پنهنجي مڪمل جوهر سان جلوا نما رهندي اچي ٿي، ته اهو ئي شاعر انهن سٽن کي پنهنجي مجموعي ڪلام ۾ شامل رکڻ کان لنوائي ٿو يا ان سٽَ جي اصل شاعر جو نانءُ لکڻ کان ڪترائي پيو. ان مان ظاهر اهو ئي ٿيئي پيو ته پرائي سٽ کي پنهنجو چوڻ/ڪرڻ ۾ هڪ اڻ ڏٺو مفاصلو آهي، جيڪو ڪير ڪير مشڪل سان طئه ڪري ٿو.
انجم قاضي پنهنجي تخليقي سگهه باوجود به فيس بڪ تي ٿيل طرحي مشاعرن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندڙ شاعر آهي ۽ تخليقي انفراديت سبب وڌيڪ داد به ماڻي رهيو آهي. هن مجموعي ۾ شامل سندس گهڻا غزل ان سلسلن جا سلا آهن، جن ۾ الڳ الڳ خوشبو آهي. جدا جدا وزن آهن، جنهن سبب انهن ۾ ۽ انجم قاضي جي ٻين غزلن ۾ فني ۽ فڪري پختگيءَ جو مفاصلو به نظر اچي ٿو. جيڪڏهن مشاعري ۾ پڙهندڙ غزل ۽ پرنٽ ٿي اکين اڳيان ايندڙ غزل جي ڪيٽگري الڳ الڳ ڪجي ته انجم قاضي ٻنهي قسمن جي غزل جو پختو شاعر محسوس ٿيندو.
* هن چنڊ کي مهار ڪٿي آ (طرح احمد سولنگي)
* اٿي سوير پکي ڪن ٿا دور ڌرتي تي
* لٿا خدا جا مخالف خدا جي رستي ۾
* ڦلواڙين ۾ خوشبوئن کي هڏڪي آئي
* تنهنجي اکين ۾ آهي پرڀات جو تصور
جهڙا غزل ٻين دوستن جي سڏ ۾ سڏ ڏيڻ جي سهڻي موٽ مطابق تخليق ڪيل آهن، جيڪا پڻ انجم قاضيءَ جي شعري حسن جي الڳ خوبي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهي سٽون جئين پاڻ شاهڪار ٿي، ٻين دوستن تائين پهتيون آهن، تيئن اهڙيون ۽ انهن کان سوين ڀيرا سگهاريون ٻيون سٽون به تخيل ۾ اچن ته وڌيڪ سهڻائپ جنم وٺندي رهندي.
غزل ۾ رديف کي جسم ۾ ساهه واري وڏي حيثيت ڏنل آهي. قافئي کان پو رديف غزل ۾ اهو رس چس ڀري ٿو، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ رکي ٿو. رديفن جا ڪيترائي قسم تخليق ٿي چڪا آهن، جيڪي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ سفر ڪري رهيا آهن. انجم قاضي جي غزلن ۾ به ننڍا وڏا رديف سندس غزل جي فني پاسي کي نمايان ڪن ٿا. انجم قاضي نه رڳو نوان رديف تخليق ڪيا آهن پر مروج رديفن ۾ به غزل لکيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيترو رديف جاندار هوندو، ايترو ئي غزل روح رکندڙ هوندو. ٻُسي ۽ ورجايل رديف سان غزل ۾ ڪا نئين خوشبو پيدا نه ٿي ٿي سگهي. رڳو غزل جي انگ جو واڌارو ئي ٿيئي پيو. انجم قاضي هڪ لفظ کي به رديف ڪيو آهي ته ٻن ۽ ٻن کان وڌيل لفظن کي به رديف ڪري استعمال ڪيو آهي. هُن جتي پنهنجي خوشبو رکندڙ رديف ڏنا آهن، اهي غزل هر لحاظ کان جاندار آهن. پر جتي هن رديفن جو ورجاءُ ڪيو آهي، اهو ايترو متاثر ڪندڙ ناهي ۽ ايندڙ وقت ۾ شايد ئي جٽاءُ ڪري سگهن. هن جا هڪ لفظي رديف: مثلن: اورانگهي ـــ دنيا ــ چوڌاري. نمايان رديف آهن. ٻه لفظي رديف ۾: ٿي هوا ـــ ڀاڪر ڀري ـــ ٿيندو ويو ـــ ڇڏي اسان ـــ ٿي آرزو ـــ ڪٿي آ؟ ـــ کان اڳتي
ٿو نڪري ـــ نه ٿو اڃان ـــ جو بدن ـــ پاڙو سڄو ـــ ٿو خواب ۾ ـــ جو وطن ــ ۾ اڌ ورجايل ۽ اڌ نواڻ رکندڙ بهترين رديف آهن مگر هي رديف مڪمل ورجايل ۽ اردو سنڌي شاعريءَ ۾ بار بار لکيا ويندڙ رديف آهن. انهن ۾ پيش ڪيل خيال به هاڻ ايترا خاص متاثر ڪندڙ ناهن رهيا. انجم قاضي کي اهڙين رديفن کان شعوري پرهيز ڪرڻ گهرجي. آڪاس تي ـــ هجوم ۾ ـــ ڦٽ پاٿ تي ـــ اندر ۾ ـــ سانجهيءَ ڌارا ـــ اکين ۾ ـــ مسافر
ڌرتيءَ تي ـــ رستي تي ـــ منهنجون اکيون ـــ اداس آهن ـــ ڳوٺ جو ـــ اڃان ـــ وغيره.
انجم قاضي جا خاص ڪشش رکندڙ اهي رديف آهن، جيڪي هن ئي لکيا آهن، اُهي سنڌي غزل جو روح رکندڙ غزل آهن. طويل رديف ۾ لکيل سندس ڪجهه غزلن ۾ ( جو ماڳ هو ـــ نئون هڪ روپ آ ـــ اسان جي اڳيان اچي بيٺا ـــ هاڻي ٿي رهيو آ ـــ پاڻ تي مرڪي پئي ) جهڙا ڪيئي رديف نهايت پيارا ۽ مڪمل يادگار غزل آهن.
انجم قاضي جي غزلن جو عروض به ٻين گهڻن شاعرن وانگر ڪجهه وزنن تي گرفت رکندڙ محسوس ٿيئي پيو. سنڌي شاعري اٽڪل 19/20 وزنن کان ٻاهر نهاري نه سگهي آهي. ان جا سبب الائي ڪهڙا آهن؟ سهل پسنديءَ جي الزام تراشيءَ کي ڇڏي چئجي ته شاعر جو فڪري پالوٽ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ئي اهم سبب آهي. شاعر پنهنجي فڪر جي چٽائيءَ ۽ بيان تي جڏهن مضبوط پڪڙ رکي وڃي ٿو، تهان بعد هُو فني پاسائن کي وڌيڪ سنواري سگهي ٿو. انجم قاضي به اهڙي شعوري ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن سبب هن مختصر غزليه مجموعي ۾ به 19/20 کان وڌيڪ بحر ۽ وزن استعمال ڪيل آهن. جن ۾ خيال آرائي سهل ۽ موضوع لامحدود آهن. پر ڪي خاص ۽ وري وري ايندڙ موضوع به آهن. جن ۾ خدا، سماجي وارتا، محبتي ٽاڻا، مسافر، لکڻ نه لکي سگهڻ جي ڪيفيت، فردي اڪيلائي نمايان آهن.
پيو ٿو نصيب ڦٿڪي
ناهي اثر دعا ۾
پنهنجي مرضيءَ سان نه پل ڀي جي سگهون
اي خدا! ايڏو نه بي اختيار ڪر.
سُڀ ويا خاموش ٿي آواز هن
درد ميڙي سانت ٿي مون تي لهي.
منهنجي اڳيان ٽيبل تي هڪ
ڪاڳر خيال گهري ٿو مون کان
توڙي جو هم خيال آهيون ٻئي
سوچ پو به جدا جدا آهي.
ڪڏهن ڪو نه آيو اسان ڏي خدا
اسان ئي خدا ڏي هلون ٿا ڏسون.
پئي مرڪ ۾ لڪايو، هڪ درد کي اسان ٿي
۽ گفتگو ۾ پنهنجا، لهجا اداس آهن.
سُلطنت جو ڀل نه تون سلطان ڪر
يا خدا مون کي فقط انسان ڪر.
ٿڪجي پيو آ انجم
ڳولي خدا مسافر
جڏهن به سڏَ خدا کي ڪيو اسان آهي
هوا جو شور رهيو آ صدا جي رشتي ۾.
ٿڪجي پيو وقت آهي
جڳ جي ڪٿا سهيڙي
ٿو سمنڊ، چنڊ تارا
آڪاس جا سهيڙي
مرضيءَ سان پل به پنهنجي سگهجي نه جِي خدايا!
ايڏي نه ڏي اسان کي، تون بيو سي خدايا!
جديد سنڌي شاعريءَ جا پڙهندڙ جنهن نواڻ ۽ تازگيءَ جي ڳولا ۾ آهن، اُها توڻي جو دور آهي، پر نظر اچي ٿي. انجم قاضيءَ به جيڪر تڪڙ ۾ شعر جي فڪري وسعت جي گهوڙي سواري نه ڇڏي، ته اُن پد جي پهاڙ تي پهچي سگهي ٿو، جتي خيال جي خدائي ننڍڙي دائري جيتري ٿي وڃي. شاعري جي ميدان تي، فٽ بال وانگي خيال سان کيڏڻ سگهاري رانديگر جي نشاندهي آهي. هُو جڏهن خيال تي ڪمال گرفت رکي وڃي ٿو، ته فن ۽ قافيا وغيره سندس اڳيئي ٻانهن ٻيلي هئڻ ڪري، وڌيڪ جديديت جي جهانن کي روشن ڪري ٿو وڃي. انجم قاضي جا ڪي ڪي خيال به ڪيئي خدايون ٿا رکن.
تاريخ گواهه آهي، منشور لتاڙي سڀ،
جڳ جڳَ ۾ سياست آ، افلاس کڻي آئي.
هي شعر رڳو برصغير جي سياست تي طنز آهي يا پوري يورپين تاريخ به ان ذمري ۾ اچي ٿي وڃي؟ سياست کي شيخ اياز”ڏانئڻ“ سان مشابهت ڏيندي ان جو ڏينهن ڏٺي جو گهونگھٽ لاهڻ جو سڏ ڏنو. سياست جا سانگ، ٺڳيءَ جا ٺاهه ڪوٺيا!
ڏينهن ڏٺي جو هن ڏائنڻ تان،
جيڪو گھونگھٽ لاهي،
ڪوئي آهي!
سانگ سياست جا سمجھي،
جو ٺاهه ٺڳيءَ جا ڊاهي،
ڪوئي آهي!
اونداهيءَ سان جيڪو اُلجھي،
چانڊوڪيءَ کي چاهي،
ڪوئي آهي!
انجم قاضي “منشور لتاڙي” جو حوالو ڏيندي اها آفاقي رڙ ٿو ڪري، جيڪا ”دوکي بازيءَ“ جي داستان بيان ڪري ٿي. هن ملڪ کان وٺي، برصغير جي مڙني سڀني ڏيهن ۾ منشورن جي لتاڙ جي تاريخ پراڻي آهي! ۽ ڪمال بي شرميءَ سان ان حرام پائي جي تبديليءَ کي وقت جو سڏ يا ضرورتِ زمانه سڏي قبوليت ڏيڻ لاءِ به وڏي سياست ڪئي ويندي رهي آهي.
انجم قاضي باشعور شاعر آهي، جنهن رڳو خالي لفاظي نه ڪئي آهي بلڪه وقت ۽ زماني جي سڀني رنگن کي بنا حجاب، دل سان لکيو آهي. دلي دعا آهي ته سندس ڏات جا ڏهوڻ ڏيئا سدا جڳمڳائن.
[b] سعيد سومرو
[/b] قمبر
Cell: 0333-7523132