شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

مهاڳ : غزل جي ميدان جو شهسوار

فياض ”مسافر“ غزل جي مشق ۾ جديد ۽ قديم ٻوليءَ جو سنگم ڪري غزل جي سخن آرائيءَ جو بهترين اظهار ڪيو آهي. فلسفي جي لحاظ کان نج نبار، اميد ڀريو پيغام پهچايو آهي. غزل جي ميدان ۾ سنڌ هن وقت برصغير جي ٻئي نمبر تي بيٺل سرزمين آهي. ٻوليءَ جي حوالي سان اردوءَ کان بعد ۾ سنڌي ٻولي اوچي پد تي غزل گو ٻولي آهي. جديد غزل جا لوازمات فياض ”مسافر“ جي غزل ۾ موجود آهن. فياض جو ترڪيبي انداز منفرد آهي. جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي حصي ۾ هڪ انوکو تجربو به آهي. شاعري ادب جي ماءُ آهي. قديم تاريخي سمورا دستاويز شاعريءَ ۾ آهن. نثر شاعريءَ جو پيٽ ڄايو پُٽ آهي. لوڪ ادب جو سفر جي هلي پورو ٿيو، اتان فني سفر جو آغاز ٿيو. فن جي ميدان ۾ فنڪارن ايترو ته پاڻ کي موکيو جو هر هڪ شعبي جو بنياد پيو. شعري صنفن ۾ ورهائي وئي.عروضي شاعريءَ جي ارتقا پڻ دنيا جي فن پارن تي محيط آهي. فياض ”مسافر“ جو ڪلام جيئن ته عروض جي ڪلاسيڪل صنف غزل تي آڌاريل آهي، تنهن ڪري عروض جي فن جو تاريخي پسمنظر ڏيڻ به ضروري سمجهان ٿو. غزل، قوالي ۽ مثنويءَ جو بنياد خليج جي استاد رکيو. فردوسي. حافظ ۽ مولانا رومي پنهنجو پاڻ انهن صنفن ۾ ملهايو آهي. قوالي ۾ روميءَ پنهنجو ثاني دنيا ۾ ناهي ڇڏيو. ته غزل ۾ حافظ دنيا جو وڏو ڪلاسيڪل شاعر آهي ۽ فردوسي مثنويءَ ۾ شاهه نامو لکي دنيا کي ڏندين آڱريون پارائي ڇڏيون.
غزل بر صغير جو معراج ماڻيو ته قوالي به بر صغير ۾ وجد ۽ ڪيف جون محفلون خوب گرم ڪيون. مثنوي بغداد شام کان مصر تائين وڃي پهتي، جتان مثلث نظم کان وٺي اثنا عشر نظم تائين نظم جا انيڪ روپ دنيا جي سامهون آيا. عربڪ شاعري، قصيدي، مرثئي ۽ حدي کان ٻاهر نڪري نوشيروان جي نقش پاوارين صنفن ڏي موٽ کاڌي.
”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ به پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.
ڪجهه شباب جون ڳالهيون:

اوهان جي قرب جي خوشبو، ڪڏهن جنهن ۾ سمايل هئي،
وفـــــــــــــــــائــــــــن جــــــــو اهـــو ڀاڪـــــر، جفائن ۾ پرين گم آ.

وئين مسافر کي وفا جي راهه ڏيکاري صنم،
ســــاهه ڏيل راهه وفا آ، ساهه ۾ سانڍيل پرين.

هــــــــــــن مسافر سان نهه نهه ڪندي نيٺ اڄ،
هـــــــــن جــــــي نيڻن ۾ اقـــــــرار جو گل ٽڙيو.

هئي هـــــــــوا ســـــــرد اونڌاهه هڪ رات هئي،
تنهنجي زلفن ســــان منهنجي ملاقات هئي.
تنهنجي چهري ڪئي مون تي چانڊاڻ هئي،
تو ڏني مون کي ٽهڪن جي سوغات هئي.

غزل آهي ئي شباب آدميت جو معراج. تنهن ڪري غزل ۾ جواني، حسن، خوشبو، وفا، جفا، الهڙ پڻو، بي رُخي ۽ ٻيون انيڪ حياتيءَ جون، حسن جون، عشق جون وارتائون آهن. فياض ”مسافر“ به پنهنجي وس واڪ آهر اهي محبوب صفتون پنهنجي ڪلام ۾ آنديون آهن. ”خاموش مسافر“ وفا جي راهه تي هلندي، ڪٿي سور سَلي ٿو ته ڪٿي ڪي سوال ٿو ڇڏي وڃي. ڪٿي حسن ۽ جوانيءَ جون البيلايون ٿو بيان ڪري ته ڪٿي حالت جو تجزيو:

ملي وئي ڪوڙ جي ڪارٺ، هتي ڀي سچ جي چهري تي،
“مســــافـــر” ڪــــــوڙ نه لــــک شـــــــاعري بدنام ٿي ويندي.

جي گهاوَ رَسيا مون کي ڪنهن ڪنهن کان لڪائيندس،
دل روح ٻــــــئي گهــــايـــــل مــــــــــان ڪيئن وســـــاريندس.

سوچم ۾ تلاطم آ ۽ دل جي عجب حــالت،
مان پاڻ سنڀاليندس يا دل کي سنڀاليندس.

ڪشتي هي ”مسافر“ جي الفت جي بحر ۾ آ،
طــــــــوفان جيان تون ڀي رفتار ڪرين ڇو ٿو.

ها لڙڪ لڇن ٿا منهنجي شب روز صدا ۾،
ڇو ڪونه رهيو ڪو به اثر منهنجي دعا ۾.

ڪنهن جي حسرت ڪٺي رات پوئين پهر،
ٿـــــــــــــي قتل زنــــــــدگي رات پـــوئين پهر.

سونهن لٽجي وئي ٿيون ختم خواهشون،
ڪــــــــــــــا ٽُــــــــٽي آرســــي رات پوئين پهر.

تــــــو بنا منهنجا جذبا پيا سوڳ ڪن،
منهنجي اندر جا اڌما پيا سوڳ ڪن.

ويس ڪارا ڪيا رات تولئه مـــــگر،
ڏينهن جا هي اجالا پيا سوڳ ڪن.

اڏيم سمنڊ جي ڀر ۾ سڪ جا ديار،
هيـــون پـــــر تعاقب ۾ ويرون هزار.

چراغ محبت جـــي ٻاريون ٿا هت،
ته سامهون هوائون اچن بي شمار.

”مسافر“ تون جيون سفر ڪيئن ڪندين،
آ راهــــن ۾ نفرت جــــــــــي گـــــــــرد و غبار.

زماني گرديءَ ۾ انسان جو رت ۽ ست گڏجي جديد ائٽمي دور تائين پهتو آهي. هن مثالي ترقيءَ جو سفر جاري ۽ ساري آهي. جتي گوربا چوف جهڙي صوفي منش سرواڻ ورلڊ آرڊر تي صحي ڪري اٺ رياستون آزاد ڪيون ۽ انهن کي حق خود اراديت ۽ حق حڪمراني جهڙا اختيار ارپي ڇڏيا، اتي هٽلر جي نقش قدم تي هلندي سرمائيدار بلاڪ نام نهاد دهشت گردي جو ڍونگ رچائي عالم اسلام ۾ تباهه ڪاري جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ترقي يافته ملڪن جي نسبتي ڀيٽ ڪبي ته فرانس، دنيا جو اهو سرمائيدار ملڪ آهي، جنهن ترقي پذير ملڪن جي ترقيءَ ۾ دلچسپي وٺي لبيا، پاڪستان ۽ ايران جهڙن ملڪن کي ائٽمي انرجي فراهم ڪئي. فرانس جو جمهوري انقلاب ئي حقيقي جمهوري انقلاب آهي. ۽ ايئن ئي سوشلسٽ جمهوريت جو باني مباني روس خود اراديت جو علمبردار آهي. عالمي سرمائيدار منڊيءَ کي پورهيت انقلابي چين شهه ڏيڻ ۾ مصروف آهي.
فياض ”مسافر“ ۽ اهڙا انيڪ شاعر سمنڊ جي ڪناري محبت جا ديار اڏيندا رهن ٿا ۽ اڏيندا رهندا. سنڌ جي سونهن ڪاروڪاري جي رسم کان وٺي، چراغ محبت جا شيدائي پنهنجو تخليقي عمل جاري ساري رکيو پيا اچن. ”قلمڪار پبلڪيشن لاڙڪاڻي“ انهن سرجڻهارن جو قدر ڪندي پنهنجو تاريخي فرض نڀائي رهي آهي. ”خاموش مسافر“ پهرين ڪڙيءَ طور اوهان آڏو آهي، جيڪو هڪ حساس ترين فرد جي جذبن جو اظهار آهي.
مايوسي ۽ ڏک جو احساس ڪوئي قطئي عمل ناهي، تڏهن به ان جو ادب تي گهرو اثر ٿئي ٿو. اهڙن جذبن جو اظهار فياض جي غزل جو حصو ضرور آهي. پر غزل جي مواد ۾ تغزل ۽ تخيل جو اعليٰ استعمال ڀرپور نموني غزل کي غزل دنيا ۾ اهميت ٿو بخشي.
غزل جي ڪلاسيڪل مواد ۾ پڻ ”خاموش مسافر“ جو مواد پنهنجي فني آرستگي سان نمايان سنواريل آهي.

وڻن پنن ۾ شور ايئن آ، ڄڻ تنهنجي پايل جي ڇم ڇم،
ڪيڏو نه تـــــــن جـــــــو مــــــڌر آ پيار ڀريو سنگيت رڌم.

ڪلاسيڪل ادب اهڃاڻي ۽ علامتي هجڻ ڪري سڀني طبقن ۾ مقبول عام آهي. هن معياري دور ۾ منهنجي ذاتي راءِ آهي ته معياري ادب کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ڪلاسيڪل ادب جو دور تاريخ جو حصو ضرور آهي پر هن وقت معياري ادب جي هڪ سوڌيل سِٽ وڏن وڏن بياضن تي فوقيت رکي ٿي. ڇو ته هن دور جا مسئلا ڳنڀير آهن. تنهن ڪري مظلوم ڌر جو پاسو کڻڻ گهرجي. ورنه اڄوڪي دور جي ادب کي به غلط پيش ڪرڻ ۾ هاڻو طبقا وسان ڪونه گهٽائيندا.
فياض ”مسافر“ غزل جي ميدان جو شهسوار ٿي اڀريو آهي. سندس قلم جي مشق مان جيڪا مٽيءَ جي خوشبو فضا “ اڏي آهي، اها پنهنجي واس وٽ سان معطر آهي. مٽيءَ جو مان مٿانهون آهي. غزل جي ترتيب ۽ تغزل جي خوشبو سنڌ جي سر زمين کي واسڻ ۾ ڪٿي ڪائي اوپرائپ نه ٿي محسوس ڪرائي. اهو مسافر جي سخن آرائيءَ جو نمونو آهي، جيڪو هن خطي ۽ ٻوليءَ کي جلا بخشي ٿو. فياض ماتا جي ٿڃ ملهائي آهي. سنڌ کي هڪ سپوت پٽ طور وڏي مرتبي ۽ مان جي ڀيٽا ڏني آهي.

قوم ئي زندهه رهي پر جي زبان زندهه رهي

فياض سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي خدمتون ڪيون آهن ۽ ڪندو رهي ٿو اهي ساراهه لائق آهن.

سرمد چانڊيو
ميراڻي محلو لاڙڪاڻو