شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

تو تي جلاد، ڪومل روح جي ڦٽڪار ٿي هوندي،

تو تي جلاد، ڪومل روح جي ڦٽڪار ٿي هوندي،
تو لئه ظالم، منهنجي وڍيل، زبان تلوار ٿي هوندي.

ٺٽي ۾ رقص ڪندڙ ڀي، هوائن کان پڇي ڏس تون،
شهيدن جي لهوءَ جي سنڌ ۾ هُٻڪار ٿي هوندي.

ڏنئي هر ماءُ جي جهوليءَ ۾ ٽهڪن جي تو عيوض لڙڪ،
تو تي لعنت جي هر هڪ ڳوٺ ۾، وسڪار ٿي هوندي.

ڪراچيءَ ۾ ڪيئي انسانيت جي جسم تي سوراخ،
مئل جسمن مان خوشبوءَ جي، تو کي للڪار ٿي هوندي.

ڪريل لاشن جي چهري تي، هي معصوميت جون ريکائون،
ستم جي رات ۾ ڪرڻن جي ڀرمار ٿي هوندي.

اسان پنبڙين سان ڪنڊا راهه جا چونڊيا ”مسافر“ لئه،
اٿو ساٿيو اوهان لاءِ، راهه ڀي هموار ٿي هوندي.