شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

هر طرف منهنجي آڏو، درد غم جا جلسا هن،

هر طرف منهنجي آڏو، درد غم جا جلسا هن،
هن هجوم دردن جي ۾ اُمنگ تنها هن.

رات جو تڪن تارا، ٿا رهن بي چينيءَ ۾،
هي جي ٿا مٽائن پاسا، اندر جا اڌما هن.

تنهنجي مُک ڏسڻ لئه يادن جو هڪ سهارو آ،
اي پرين تنهنجون يادون منهنجي لئه آئينا هن.

درد زخم سوچون ناڪام حسرتون يادون،
زندگيءَ کي گهارڻ جا هي سڀئي سهارا هن.

تون وفا جي نالي کان ڀي نا آشنا ٿي وئين،
خط گهٽيون وفا وارا، نقش تنهنجا پيرا هن.

هت ته رسم مقتل ۾، سڀ خوشيون ويون ڪُسجي،
سڪ جي گهر ”مسافر“ هت بس رڳو سڏڪا هن.