تنهنجو چهرو پرين ڄڻ ته پرڀات آ،
مُرڪ تنهنجي محبت جي ڪا بات آ.
ڇانوَ زلفن جي ۽ ٽمڪندڙ نيڻ ائين،
ڄڻ لڳي ٿو ڪا تارن ڀري رات آ.
پهريون ڪک هُيس، جنهن کي لوڙهيو نديءَ،
سا ته مون لاءِ قسمت جي سوغات آ.
فرش تنهنجي تي ناهن هي شيشا ٽُٽل،
اي پرين، منهنجي وکريل هي جذبات آ.
مان ٻنهي کي نه سمجهي سگهيس زندگي،
ها عجب تنهنجي ۽ عشق جي ذات آ.
ڏينهن آ منتظر رات پل پل پڪار،
اوج تي اي ”مسافر“ تنهنجي تات آ.