شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

وري آ وري ياد تنهنجي وري آ،

وري آ وري ياد تنهنجي وري آ،
پرين تنهنجي صورت اکين ۾ تري آ.

جدائيءَ جي جنبش ته ايڏي وڌي آ،
ذهن ۾ تلاطم ۽ دل ٿي چري آ.

منهنجي من ۾ جهاتي، پرين ڏس تون پائي،
کليل منهنجي مدت کان دل جي دري آ.

ايئن مون اکين ۾، آ ڳوڙهن کي سانڍيو،
جيئن داڻي کي سانڍيو، مٽر جي ڦري آ.

ٿي بجليءَ جي رفتار مون ڏي صنم اچ.
”مسافر“ جي تو بن نه ساعت سري آ.