چاهه جو مان ڪو ٽٽل اقرار هان،
سونهن جو ڀي ڪو ڦٽل آثار هان.
تنهنجي محفل جي مهڪ اڄ ناهيان،
مان ته ڄڻ ماضيءَ جو وسريل پيار هان.
مان رڳو تو کان الڳ ناهيان ٿيو،
آرسيءَ جي هر ٽُڪر ۾ ڌار هان.
ٿي رڙي مون سان اڪيلائي به گڏ،
لڙڪ تنهائي جي آهه و زار هان.
جسم يادن جو ڏکن جو روح آ،
مان ڏکن، سورن جي پيداوار هان.
تنهنجي نظرن کان ايئن گم ٿي ويس،
ڄڻ ته زلفن مان ڪريل ڪو وار هان.
اي ”مسافر“ ڪير اڄ چاهي مون کي،
زندگيءَ جو گم ٿيل ڪردار هان.