شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

تو بنا منهنجا جذبا، پيا سوڳ ڪن،

تو بنا منهنجا جذبا، پيا سوڳ ڪن،
منهنجي اندر جا اُڌما، پيا سوڳ ڪن.

ويس ڪارا ڪيا، رات تو لئه مگر،
ڏينهن جا هي اُجالا، پيا سوڳ ڪن.

مون کي قلمي زهر جو نشانو ڪيئي،
سي لڳل سڀ نشانا، پيا سوڳ ڪن.

چنڊ چهرو وڻن ۾ لڪائي رُنو،
تن اکين جا ڪنارا، پيا سوڳ ڪن.

باهه تقدير جي ۾ سڙن خواب ٿا،
هي سڙيل خواب سهڻا، پيا سوڳ ڪن.

اڻ ڇپيل ئي رهيو زندگيءَ جو ڪتاب،
اي ”مسافر“ پنا ٿا، پيا سوڳ ڪن.