شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

پرين تولئه هي ٿڌڙي هير بادل منتظر آهن،

پرين تولئه هي ٿڌڙي هير بادل منتظر آهن،
گسن کي آس تنهنجي آ ۽ هي پل منتظر آهن.

تنهنجي چاهت جي لهرن ڪاڻ ترسيا هن ڪنارا ڀي،
ها ويرن لئه اميدن جا هي ساحل منتظر آهن.

ٽڙيا گل ڦل ڪچي ڪاڇي ۾ ڪڻڪون ڀي پڪيون آهن،
ڪَلين کي آرزو تنهنجي ۽ گل ڦل منتظر آهن.

ولر ڪونجن جا موٽن ٿا، پنهنجي ماڳ طرف ساجن،
هي ناسي شام ۽ ڪونجن جا ڀي هُل منتظر آهن،

محبت جي نئين موسم، نئين انداز ۾ آئي،
منهنجا جذبا هي اکڙيون، پيار لب، ڳل منتظر آهن.

اکيون تنهنجي اکين کي ئي، ڏسي هاڻي اکيون ٿيون هِن،
”مسافر“ آجيان لئه لڙڪ بيٺل منتظر آهن.