نه ڇيڙيو مست کي ديوانگي، بدنام ٿي ويندي،
زخم دل ڪر نه ظاهر دل لڳي، بدنام ٿي ويندي.
آ قسمت خاڪ جي هن ڍير وانگي ٻار همدم تون،
ڪرم جا ديپ هي بدقسمتي، بدنام ٿي ويندي.
هي تنهائي جو چهرو ڏک جي دز ۾ ڀريل مان لڙڪن سان،
ڌوئان ٿو ورنه تنهنجي بي حسي، بدنام ٿي ويندي.
هجر جي رات رت جا لڙڪ ڳاڙي ٿي سڙي ٿو ڏينهن،
نه ايندين تون جدائي جي گهڙي، بدنام ٿي ويندي.
ڪجل وانگي وفا نيڻن ۾ پکڙيل آ جي ڳوڙها ٿين،
بزم ۾ بي وفائي هي تنهنجي، بدنام ٿي ويندي.
لکان واريءَ جي ذرڙن سان، وفا ميلاپ حسرت جي،
قبر تي ورنه تنهنجي سنگدلي، بدنام ٿي ويندي
ملي وئي ڪوڙ جي ڪارٺِ هتي ڀي سچ جي چهري تي،
”مسافر“ ڪوڙ نه لک شاعري، بدنام ٿي ويندي.