شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

دليون گلڙن جون ڌڙڪيون جا بجا تنهنجي اچڻ سان يار،

دليون گلڙن جون ڌڙڪيون جا بجا تنهنجي اچڻ سان يار،
ڪلين جا ڀي هٽڻ گهونگهٽ، لڳا تنهنجي اچڻ سان يار.

پنن ڪيا رقص ٽارين ڀي، پکين ڳايا خوشيءَ جا گيت،
لڳي موتي وسائڻ هي، فضا تنهنجي اچڻ سان يار.

تنهنجي قدمن جي آهٽ سان، ٿي سرگوشي گلن ۾ هئي،
وڻن نِوڙت ۾ هن سجدا ڪيا، تنهنجي اچڻ سان يار.

جهَڪي ٿي ڪوڪ ڪوئل جي، تنهنجي آواز جي آڏو،
ختم ٿي هر پکيءَ جي هر ادا، تنهنجي اچڻ سان يار.

اندر جي هير جي خوشبو ۽ ٿڌ سان پئي چمن مهڪيو،
شرم ۾ وئي ته شرمائي، هوا تنهنجي اچڻ سان يار.

”مسافر“ آجيان لئه ٿي هي ڌرتي ڀي وڇائي دل،
اچڻ واري گهڙي ٿي پئي، فدا تنهنجي اچڻ سان يار.