شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

چمن ۾ چوطرف ڳولهيو ۽ گلڙن جي قطارن ۾،

چمن ۾ چوطرف ڳولهيو ۽ گلڙن جي قطارن ۾،
نگاهون منتظر آهن، نه آئين ڇو بهارن ۾.

ڪيم آهون، ڪيڏيون دانهون وڇوڙي وقت مان تو لئه،
جهري جيئڙو پيو منهنجو، متو ماتم نظارن ۾.

ڊگهي ديوار ڇو ٺاهيئي، هجر جي دلربا مون لئه،
مهينا سال ۽ ڏينهڙا، ڪٽيان ٿو انتظارن ۾.

اڌوري ٿي رهي خواهش ۽ محفل تو بنا همدم،
اياڻو ٿو رهان توبن، سدا محفل دُلارن ۾.

ڪيم ٿي روشني مان ڀي، جلائي من به پنهنجي کي،
”مسافر“زندگي تاريڪ آ روشن منارن ۾.