شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

ڪالهه به ساڳيا سپنا هئا،

ڪالهه به ساڳيا سپنا هئا،
سور زخم ۽ صدما هئا.

ڏور ويا جي نظر کان سي،
ڪارا بادل وسڻا هئا.

تنهنجي ياد جو چنڊ چڙهيو،
چوڏس ٿي ويا، چمڪا هئا.

محنت مون ڏاڍي ڪئي پر،
نفرت- نقش نه ڊهڻا هئا.

جن دل کي هو جرڪايو،
چاهت جا ڪي ڪرڻا هئا.

رڻ ۾ ”مسافر“ ڀٽڪيا پئي،
اندر جا ڪي اُڌما هئا.