صبا جنهن ڏينهن کي سک جو، هڻان جهومر ڪڏهن ملندو،
خوشين سان ٻهڪي هي جوڀن، سو پل آخر ڪڏهن ملندو.
ٽٽل ارمان هان ڪنهن رت جو ڪنهن صحرا جي مان ڪا دانهن،
۽ گل جي من جو شعلو هان، مون کي ساٿر ڪڏهن ملندو.
جلايان دل جي قبرستان ۾ ، يادن جي مڙهه کي ٿو،
ها سڙندڙ لاش کي نئين زندگيءَ جو ڪٿر ڪڏهن ملندو.
ٻڏل ٻيڙي کان هر ماڻهو، پڇي ٿو ڪٿ ڪنارو آ،
ٻڌايو تنهن کي ڪنهن ساحل، جو ڪو آسر ڪڏهن ملندو.
جلايا داغ سڀ دل جا، ڪيو روشن مون شامِ غم،
اداسي شام کي يارو، خوشين جو ور ڪڏهن ملندو.
وري شيشي جي ڏوليءَ ۾ ، کنئي سپنن جي مون بارات،
وري هن جي هٿان ڏوليءَ کي، ٻيو پٿر ڪڏهن ملندو.
خزان جي هنج ۾ ويهاري ، بهارن ۾ هلي وئي هو،
بهارن جي ته آنچل ۾ ستل همسر ڪڏهن ملندو
وساميل هر ستارو چنڊ پڻ زنجير ۾ جڪڙيل،
چِٽيو رت سان هو جنهن موسم کي، سو منظر ڪڏهن ملندو.
صنم هر رت جي محرومين، کي زلفن جي ڏني پڻ ڇانوَ،
منهنجي نيڻن کي پاڇو، ننڊ لئه ٻيهر ڪڏهن ملندو.
مرڻ کان پوءِ ڀي ڏيئي ۽ قبر مان هيءَ اچي ٿي دانهن،
اڃا دل ٿي ڀري آهون، وري دلبر ڪڏهن ملندو.
پريشان هن ٿڪل رستا، سڪل پن جان اڏن ٿا خواب،
”مسافر“ ٺاهي آسان راهه، سو رهبر ڪڏهن ملندو.