شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

هئي هوا سرد اونداهه هڪ رات هئي،

هئي هوا سرد اونداهه هڪ رات هئي،
تنهنجي زلفن سان منهنجي ملاقات هئي.

تنهنجي چهري ڪئي، مون تي چانڊاڻ هئي،
تو ڏني مون کي ٽهڪن جي سوغات هئي.

منهنجي دل، تنهنجي دل پيئي ڌڪ ڌڪ ڪري،
دل جي ڌڙڪن جي ڌڙڪن سان ٿي بات هئي.

تنهنجي نيڻن جو مون ڏانهن گهوري ڏٺو،
منهنجي نيڻن جي هڪ پل ۾ ٿي مات هئي.

تنهنجي چوڙين جي ڇم ڇم هئي رات ۾،
پيار جي راڳ جي، ٿي شروعات هئي.

مهل آئي ”مسافر“ هجر جي جڏهن،
پوءِ اکين مان ٿي ڳوڙهن جي برسات هئي.