شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

ڏور ٿي پاڻ کان، زندگي ڇو ڀلا،

ڏور ٿي پاڻ کان، زندگي ڇو ڀلا،
وئي رُسي ايئن اسان، کان خوشي ڇو ڀلا.

تون نه سمجهي سگهين پيار منهنجو پرين،
پر ڪري نا سگهين دل لڳي ڇو ڀلا.

تو وساريو مگر حال ڏس اڄ ڪري،
ئي نٿي ياد بد قسمتي ڇو ڀلا.

رات ٽانڊاڻي، ڏينهن آڙاهه ٿيو،
ايتري بي قراري وڌي ڇو ڀلا.

مان ڪڏهن اک تنهنجيءَ جو به تارو هيس،
اڄ ٿي ايڏي مون کان بي رخي ڇو ڀلا.

راهه موڙي ويا، منهن پنهنجا دوستو،
ٿي وئي ڏور آوارگي ڇو ڀلا.

نيڻ رستا ”مسافر“ پلي پاڻ ويا،
پر چري دل مڃي ئي نٿي ڇو ڀلا.