جيون جيون سڏڪا سڏڪا،
وِک وِک تي هن ڌوڪا ڌوڪا.
الفت بدران نفرت ڏين ٿا،
درد منجها دل ٿي ڪري واڪا.
زخمن تي هت لوڻ وجهن ٿا،
تن من تي مون کاڌا ڦٽڪا.
مطلب نڪرڻ کان پوءِ يارو،
سڀ ڏين ٿا پيا، بي درد ڌڪا.
گهر نه ”مسافر“ ساٿ سڄڻ جو،
ڏکڙن ۾ هلي، هت گڏ ڪاڪا.
فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو