شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

پيار واري هن سفر جي آرزو آهي ٿڪل،

پيار واري هن سفر جي آرزو آهي ٿڪل،
آس واري هر پهر جي، آرزو آهي ٿڪل.

ٿا ملن مهڻا ولر کان، ڌار ٿي ويل ڪونج کي،
ڪونج هڪ ڇا هت ولر جي، آرزو آهي ٿڪل.

مان اميدن سان ڪيو، روشن صبح هر رات کي،
پر هتي شام و سحر جي، آرزو آهي ٿڪل.

آرزوئن، خواهشن جي ناوَ پهچي ڪپ تي ڪيئن،
هت بحر، ڪپرن لهر جي، آرزو آهي ٿڪل.

ها پرين تنهنجي اچڻ جو، آسرو لاٿو سڀن،
سڀ گسن جي گهر ۽ در جي، آرزو آهي ٿڪل.

اي ”مسافر“ پنڌ مشڪل، هر طرف تنهائي آ،
ساٿ ڏيندڙ همسفر جي، آرزو آهي ٿڪل.