شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

ڪنهن جي حسرت ڪٺي، رات پوئين پهر،

ڪنهن جي حسرت ڪٺي، رات پوئين پهر،
ٿي قتل زندگي، رات پوئين پهر.

آ حنا ڄڻ لهو، ڪنهن جي حسرت ڪجل،
ٿي لڇي سانوري، رات پوئين پهر.

ها اميدن جا شيشا پيا سڀ ٽُٽي،
آس سوليءَ چڙهي، رات پوئين پهر.

ڪنهن جا جذبا ڪٺا، وحشتن جي ڇري،
بي ڪفن وئي لڙهي، رات پوئين پهر.

آرزوئن لڌيون لائون هينءَ درد سان،
سون ۾ وئي تُري، رات پوئين پهر.

پيار هيسيل هيو، ظلم جو دور هو،
اولڙي کان ڊني، رات پوئين پهر.

سونهن لٽجي وئي، ٿيون ختم خواهشون،
ڪا ٽُٽي آرسي، رات پوئين پهر.

آس دل ۾ رکي، ويس ”مسافر“ ملڻ،
بند ٿي وئي دري، رات پوئين پهر.