شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

وڻن کان ڪرڻ مهل پن آههَ ڪن ٿا،

وڻن کان ڪرڻ مهل پن آههَ ڪن ٿا،
ايئن لڙڪ ڀي وهڻ پل دانهن ڪن ٿا.

ٽٽل ٺاهه وانگي، جيون پنهنجو پر،
نئين سِر ٻين سان، اهي ٺاهه ڪن ٿا.

اميدن کي پائمال ايئن آ ڪيو هن،
ها فصلن جي ماڻهو، جيئن ڳاهه ڪن ٿا.

جنم درد چاهت، جي ڪک مان وٺن ٿا،
تڏهن ڏک سان عشق، سڀئي چاهه ڪن ٿا.

ٿو ڄاڻان ”مسافر“ نه اچڻو آ هو پر،
مگر پوءِ به رستا ڇو ويساهه ڪن ٿا.