شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

سڙي ديپ جيئن دل، مٺا تون ڏسي ڇڏ،

سڙي ديپ جيئن دل، مٺا تون ڏسي ڇڏ،
آ ڪيڏي نه اوکي، وفا تون ڏسي ڇڏ.

چيو درد دل جي، توکي آ گهڻو پر،
ٻڌي هڪ نه ان جي، صدا تون ڏسي ڇڏ.

ڏنا اُس تکا ڏک، ڪيو پر نه تنها،
مگر ٿيو هي پاڇو، جدا تون ڏسي ڇڏ.

ها مدت کان خاموش شعلا رهيا پر،
ملي تن کي هاڻي، هوا تون ڏسي ڇڏ.

ڏنل سور منهنجي سڄي روح جي هن،
وسعت ۾ پکڙجي ويا تون ڏسي ڇڏ.

”مسافر“ آ يادن جي موتين سان پوئي،
آ لڙڪن جي مالها، اها تون ڏسي ڇڏ.