شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

غم جي هوندي گيت خوشيءَ جا ڳائيندا رهياسين،

غم جي هوندي گيت خوشيءَ جا ڳائيندا رهياسين،
موت جي شهر ۾، جيون گل پوکائيندا رهياسين.

گيت غزل مرجهائجي ويا ۽ ساز ڀي چپ هئا،
گلشن ۾ پر آس جا، ساز وڄائيندا رهياسين.

جيئن ڪينجهر جي آغوش ۾، تارا هيٺ لهي پيا ٽمڪن،
تيئن نيڻن ۾ ڪجھ ڳوڙهن کي ، ٽمڪائيندا رهياسين.

جيون تون ڀلجي به اسان ڏي ڪين ڏٺو پر،
پوءِ به اسان تنهنجي عظمت لئه سر ته ڪپائيندا رهياسين.

يادن جا گيسو تيز هوا، ۾ اڏرن پيا،
تنهنجون ”مسافر“ ڳالهيون دل کي ٻڌائيندا رهياسين.