شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

ظلم جي جَنڊ ۾، پيسجي انگ ويو،

ظلم جي جَنڊ ۾، پيسجي انگ ويو،
عشق کان حسن جو، ڪو کسي چنگ ويو.

مون کان سوچن جي هن ڪوهيڙي ۾ پرين،
زندگيءَ کي گذارڻ جو هر ڍنگ ويو.

وقت ٻُڪ مان اُڏامي ويو پوپٽ جيان،
پر هٿن تي ڇڏي، پنهنجو هر رنگ ويو.

ها اکين ۾ ڪي سپنا ڀي جهمڪيا هئا،
ڪَٽجي نيڻن کان خوابن جو هي سنگ ويو.

ها خوشيون سڀ اوهان تي ختم ٿيون پرين،
۽ ڏکن جو ”مسافر“ تي ٿي دنگ ويو.