شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

سونهن ٿيندي ته ناهي ڪڏهن بي رحم،

سونهن ٿيندي ته ناهي ڪڏهن بي رحم،
دل جي ڌرتيءَ مٿان ڇو لڻان ٿو زخم.

مهل ڏانڊاڻي بڻي مون لئه پرڀات جي،
ماڪ ڀي باهه جيان ٿي سٽي دم بدم.

هڪ ته دل پئي غمن ۾ ٿي اڳ ۾ دُکي،
راڳ ديپڪ ڪيو، مون تي ويتر ستم.

دل جي شيشي کي هيري سان ٽڪرايو مون،
زخم گهرا رسيا، ٿيون اميدون ختم.

مان ته نقشا وفا جا لهوءَ سان چِٽيا،
آس پوري نه ٿي ۽ سڙي ٿيا ڀسم.

چنڊ جي روشنيءَ کي ”مسافر“ ڏسي،
آ چڪوري ڪيو وقف پنهنجو جنم.