ماضيءَ جو اڳيان آيو، محبت جو فسانو ڪو،
اڄ رات ڏٺو آهي، مون خواب سهانو ڪو.
هن جام محبت جو، اکڙين مان ڏنو اوتي،
پيتو آ منهنجي اکڙين، الفت جو پيمانو ڪو.
باغن ۾ بهارن ۾، هٿ هٿ ۾ ڏئي مون سان،
هن پيار ڀريو گڏجي، ڳايو هو ترانو ڪو.
روڪيو هو جڏهن هن کي، بي درد زماني ڀي،
دنيا کان لِڪي هن ڪِيو گڏجڻ جو بهانو ڪو.
زلفن ته ڪئي اس ۾ هئي ڇانوَ سڄڻ مون تي،
منهنجو به ته زلفن ۾ گذريو هو زمانو ڪو.
يڪدم جو کُلي منهنجي، هي اک ته نڀاڳي ٿي،
ڏيئي ويو هو ”مسافر کي“ يادن جو خزانو ڪو.