اکين آلين جي بدران بس، سڪل نيڻن جا پاڇا هن،
انهن اکڙين جي ڳوڙهن ۾، رڳو درشن جا پاڇا هن.
ڪڏهن ٽمڪيا هئا ڏيئن ۾، سپنا منهنجي جيون جا،
انهن ڏيئن ۾ هاڻي بس، انهن سپنن جا پاڇا هن.
ڪڏهن بادِ صبا پيغام ڏيندي هئي ته گڏجڻ جو،
هوا ۾ هاڻ غمگين صبح جي پرڙن جا پاڇا هن.
پرينءَ جي آجيان ٿيندي هئي، نيڻن ۽ مرڪن سان،
اڱڻ ۾ ان جي نيڻن جا ۽ بس مرڪن جا پاڇا هن.
خطن مان لفظ منهنجا چاهتون ڏيئي نڪرندا هئا،
رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ هاڻ تن خطڙن جا پاڇا هن.
جيئن گلڙا ٿا جهومن، ان جون يادون ايئن ٿيون جهومن،
ذهن منهنجي تي لڏندڙ ان جي ئي وهمن جا پاڇا هن.
بي پاڙي ڏک جي ڇانئي آ، منهنجي هن آس جي وڻ تي،
”مسافر“ هاڻِ راهن ۾ رڳو دردن جا پاڇا هن.