شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

ٻاٽ ۾ گم ٿيل اشارا ڳولهيان،

ٻاٽ ۾ گم ٿيل اشارا ڳولهيان،
هاڻي پاڇن جا سهارا ڳولهيان.

آس ۾ ڪو منتظر، مجبور آ،
مان خلا ۾ ٿو ڪنارا ڳولهيان.

سر برهنا ٿي وفا دانهون ڪيون،
سي رڙيون راهن ۾ پيارا ڳولهيان.

گم گسن ۾ ٿيس وڃايا سڀ نشان،
گم ٿيل گهر جا سي چارا ڳولهيان.

درد جي پاڇن صبح کي ايئن ڍڪيو،
ڏينهن ۾ ٿو پيو ستارا ڳولهيان.

خار نه پر گل جون پتڙيون ٿيون چُڀن،
زندگي گل خار وارا ڳولهيان.

سج منهنجي قسمت جو اڄ ايئن ٿو چوي،
اي ”مسافر“ تو لئه انڌيرا ڳولهيان.