مدت گذري وئي اي دل، حجابن ۾ پرين گم آ،
منهنجي هر آس ڇو تنهنجي سوالن ۾ پرين گم آ.
ڪيون ڪُوڪون مون مسجد ۾، مقدر ٺاهه اي مالڪ!
منهنجي هر آهه مسجد جي، مينارن ۾ پرين گم آ.
مون سمجهيو پيار جي خوشبوءَ سان مهڪي جڳ سڄو پوندو،
اها سرهاڻ نفرت جي، هوائن ۾ پرين گم آ.
صدين جي هي ٿڪاوٽ، منهنجي اکڙين ۾ لهي آئي،
منهنجي جيون جو هر پل، انتظارن ۾ پرين گم آ.
ڏکن خيما هنيا هن رات جي سيني تي سالن کان،
تڙپ هر رات جي تپش اوجاڳن ۾ پرين گم آ.
اوهان جي قرب جي خوشبو ڪڏهن جنهن ۾ سمايل هئي،
وفائن جو اهو ڀاڪر، جفائن ۾ پرين گم آ.
نه جڳ جي ڄاڻ هئي مون کي، نه آهي بس منهنجي دنيا،
تنهنجي نيڻن ۽ زلفن جي پناهن ۾ پرين گم آ.
کڻي ڏيئا هٿن ۾ ڇو، انڌيرن ۾ پيو ڳولهين،
”مسافر“ ڏينهن جي اڄ ڀي، اجالن ۾ پرين گم آ.