شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

اڏيم سمنڊ جي ڀر ۾، سڪ جا دَيار،

اڏيم سمنڊ جي ڀر ۾، سڪ جا دَيار،
هُيون پر تعاقب ۾، ويرون هزار.

چراغِ محبت ٿا ٻاريون جي هت،
ته سامهون هوائون، اچن بي شمار.

جي ميلاپ جي مان، ٿو ڪوشش ڪيان،
ٿي رسمِ زمانا، ڪري مون کي ڌار.

ڪُڇي ظلم تي ٿي، جي منهنجي زبان،
کڄي ٿي به ان تي، سدا پئي ترار.

جي گهوڙا هجن هي، سڄڻ خواهشون،
هتي هر ڪو ماڻهو، ٿئي شهسوار.

”مسافر تون جيون سفر ڪيئن ڪندين،
آ راهن ۾ نفرت، جي گرد و غبار.