شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

زمين ساڳي فلڪ ساڳيو، مگر تقدير وئي مٽجي،

زمين ساڳي فلڪ ساڳيو، مگر تقدير وئي مٽجي،
اڳي جيڪا هئي معطر ۾، سا ٿڌڙي هير وئي مٽجي.

مدت کان پوءِ ڏٺو جو عڪس آئيني ۾ مون پنهنجو،
هيو آئينو ساڳيو پر، منهنجي تصوير وئي مٽجي.

نظر جي نوڪ سان هن دل جي ڪاغذ تي لکي چاهت،
پنو دل جو ته ساڳيو آ، اها تحرير وئي مٽجي.

اڳوڻي دور ۾ همدم، هيو جو رنگ چاهت ۾،
”مسافر“ ڇو محبت جي، اها تاثير وئي مٽجي.